سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-1(ڪتاب): سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙن جي اسڪيم، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع ۾ منظور ڪري، ان جي عملي نگراني ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪئي. ان اسڪيم هيٺ 1957ع کان وٺي سنڌي لوڪ ادب جون مختلف جنسون ۽ صنفون سهيڙيون ويون.
لوڪ ادب اسڪيم هيٺ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا هيٺيان ست ڪتاب، مرتب ڪري ڇپايا ويا: (1) بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جون ڳالهيون، (2) بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڳالهيون،
(3) پرين، ديون، جادوگرن ۽ ڏائڻين جون ڳالهيون، (4) بادشاهن، شاهوڪارن، ڏاهن، ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالهيون، (5) ٻاراڻيون آکاڻيون، (6) جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون، (7) ڳاهن سان ڳالهيون.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ جلد پهرئين جي 25 صفحن تي مشتمل تفصيلي مقدمي ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ ڪهاڻين جي علمي اهميت ۽ ابتدا، اهم ڪردارن جي نوعيت، تاريخي پسمنظر، ڪهاڻين جي روايت، صحت، پلاٽ، اندروني سٽاءَ وغيره جي مکيه پهلوئن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي.
’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون- جلد پهريون‘، ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ايڪيهون (21) ڪتاب آهي، جنهن ۾ بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جون ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن. هي ڳالهيون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مروج رهيون آهن، جن کي مختلف ڪارڪنن، استادن ۽ لوڪ ادب اسڪيم هيٺ مقرر ڪيل ڪارڪنن وسيلي پهرين گڏ ڪيو ۽ سهيڙيو ويو، ۽ پوءِ ڇنڊڇاڻ ڪري بهتر روايتن کي شامل ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ جملي 39 ڪهاڻيون شامل آهن، جن کي مرڪزي خيال جي لحاظ کان هيٺينءَ ريت ورڇيو ويو آهي:
• همتون ۽ ڪشالا (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 4، 8، 15، 20، 25، 35، 36، 37، 38)
• پهلواني ۽ زور آزمائيءَ جا ڪارناما (ڪهاڻي نمبر 5، 6، 7 ۽ 36)
ٻڪرار جي سياڻپ (ڪهاڻي نمبر 11)
بادشاهه جي سياڻپ (ڪهاڻي نمبر 24)
• وزير جي بادشاهه کي نصيحت (ڪهاڻي نمبر 23)
• ڏندڪٿا (ڪهاڻي نمبر 12، 13، 19، 28، 29، 30)
• جادو ۽ خريب (ڪهاڻي نمبر 20، 21 ۽ 22)
• پهاجن جي رقابت (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 13، 17، 26، 31 ۽ 34)
• ماٽيجي ماءُ جو برتاءٌ (ڪهاڻي نمبر 17)
• زالن جو خصوصيتون (ڪهاڻي نمبر 18)
• عورتن جو عقل، خوداعتمادي ۽ بخت (ڪهاڻي نمبر 33 ۽ 134)
• زال جي پنهنجي عقل سان مڙس جي مدد ڪرڻ (ڪهاڻي نمبر 29، 31، 32)
• زال جو مڙس کي سبق سيکارڻ (ڪهاڻي نمبر 14، 16، 28 ۽ 29)
• حرفت ۽ چالاڪيءَ سان چوري (ڪهاڻي نمبر 26، 27)
• کل ۽ چرچو (ڪهاڻي نمبر 9 ۽ 10)
ڊيمي سائيز جو، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو هي پهريون جلد 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1981ع، ٽيون ڇاپو 1987ع، چوٿون ڇاپو 1992ع، پنجون ڇاپو 2000ع، ڇهون ڇاپو 2004ع، ستون ڇاپو 2005ع ۽ اٺون ڇاپو 2008ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. اٺين ڇاپي جي قيمت 260 روپيا آهي.
سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي پهرئين جلد جو اردوءَ ۾ ڊاڪٽر سعديه نسيم آرا سرتاج ’لوک کهانيان‘ (حصه اول) عنوان سان ترجمو ڪيو آهي، جيڪو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو